سگهڙ تاج محمد هاليپوٽو

سگهڙ تاج محمد هاليپوٽو

تاج محمد هاليپوٽو

تاج محمد هاليپوٽو: سنڌ جو مشھور سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع تي پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پراڻي شادي پليءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان شاهه ولي الله هاءِ اسڪول، ميرپورخاص مان پاس ڪيو. سندس علمي ادبي تربيت سندس ناني حاجي علي محمد هاليپوٽي ڪئي، جيڪو پاڻ به هڪ اهل علم ۽ اهل ادب ماڻهو هو. سگهڙ تاج محمد کي گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني سگهڙن جا هندي توڙي سنڌيءَ ۾ سگهڙائپ وارا ٻول برزبان ياد هئا. پاڻ سينگار توڙي لوڪ ادب جي ٻين صنفن جو سُٺو شاعر هو. محقق ۽ تاريخدان مرحوم معمور يوسفاڻي شاعريءَ ۾ سندس استاد رهيو. 29 مارچ 2008ع تي پراڻي شادي پليءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس، مرحوم عبدالرحمٰن مھيسر کانپوءِ سنڌ جي ’سگهڙن جي سرواڻ‘ طور پڳ ٻَڌائي. مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيل آهن. پاڻ سُٺو مقرر به هو. سندس ضخيم لائبرري ۾ قلمي نسخن ۽ سنڌي پھاڪن جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. وٽس وڏيون سگهڙ ڪچھريون پڻ ٿيون. سندس فني مڃتا طور کيس شاهه لطيف اوارڊ، سگهڙ محمد ملوڪ عباسي اوارڊ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پھرين نومبر 2023ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.09.10  عيسوي

سنڌ جي سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع ۾ پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري ۾ ڄائو.


2008.03.29  عيسوي

29 مارچ 2008ع تي پراڻي شادي پليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر، ممتاز عالم ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس مرحوم عبدالرحمٰن مهيسر کانپوءِ سنڌ جي ’سگهڙن جي سرواڻ‘ جي پڳ ٻَڌائي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ علي گل ٻرڙو
سگھڙ
مبارڪ عاطف لغاري
محمد عمر چنو
پير بخش2
امداد علي بلوچ
حسين بخش رڏ
عبداللطيف لغاري
بابو پالاري
مجنون فقير ٻرڙو
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون